لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر علينه عامر پنهنجي ليڪ وڊيو بابت ردِعمل ڏيندي ان کي ڊيپ فيڪ وڊيو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
علينه عامر جي هڪ ڊيپ فيڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي ٽڪ ٽاڪر سخت ردِعمل ڏنو آهي.
ٽڪ ٽاڪر ان معاملي تي هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته هوءَ هن موضوع تي ڳالهائڻ نٿي چاهي ۽ گذريل هڪ هفتي کان خاموشي سان سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهي هئي، پر جڏهن هن سوين پوسٽون ڏٺيون جن ۾ لکيل هو ته علينه عامر جي وڊيو ليڪ ٿي وئي آهي، تڏهن هن سوچيو ته اهڙن ماڻهن کي سندن ئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو وڃي.
هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي مائينڊ سيٽ کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي، جيڪي ڪنهن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، مطلب ته توهان غلط ڄاڻ (مس انفارميشن) ڦهلائي رهيا آهيو، گهٽ ۾ گهٽ اها جاچ ته ڪري وٺو ته جيڪو ڪجهه توهان شيئر ڪري رهيا آهيو، اهو حقيقي وڊيو آهي به يا نه.
علينه عامر چيو ته سي سي ڊي هن وقت پنجاب ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، هوءَ سهيل ظفر ڇٽه صاحب کان اپيل ڪري ٿي ته هو هن معاملي جو سنجيدگي سان جائزو وٺي ۽ ڇوڪرين جون اي آءِ وڊيوز ٺاهڻ وارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ڇوڪري جون فيڪ وڊيوز ٺاهي کيس بدنام ڪرڻ به هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته اهي عنصر رڳو اداڪارائن، ٽڪ ٽاڪرن، انفلوئنسرز يا مشهور شخصيتن جون وڊيوز ناهن ٺاهي رهيا، پر ڪيترين ئي خانگي ڇوڪرين جون به وڊيوز ٺاهي سندن گهرڀاتين ڏانهن موڪليون پيون وڃن، جنهن سبب انهن جون زندگيون برباد ڪيون پيون وڃن.
ٽڪ ٽاڪر وڌيڪ چيو ته الحمدالله هوءَ هڪ پڙهيل لکيل ڪٽنب سان واسطو رکي ٿي، جيڪي مٿس مڪمل ڀروسو ڪن ٿا ۽ هوءَ اهڙي ڪا به حرڪت ڪري ڪڏهن به سندن ڀروسو نه ٽوڙيندي.
علينه عامر اعلان ڪيو ته جيڪو به شخص کيس فيڪ وڊيو ٺاهيندڙ بابت ڄاڻ ڏيندو ته ان کي هوءَ ڪيش انعام ڏيندي.
Next Post
You might also like