سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پاڪستان ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آهي\عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته انساني حقن جي وڪيلن ايمان مزاري ۽ هادي چٺا خلاف دهشتگردي جا الزام مڙهي کين 17_ 17 سال سزا ڏيڻ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، عدل ۽ انصاف جو قتل آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني حق تي راتاهو آهي، قانون جي حڪمراني ختم ڪرڻ جو اعلان آهي جنهن جي جيڪا مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. نون صوبن جي رينگٽ جي مذمت ڪندي چيو ويو ته ايم ڪيو ايم نسل پرست ۽ دهشتگرد ٽولو آهي، جيڪي پيپلز پارٽي جي سياسي مخالفت جي آڙ ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي وجود مٿان وار ڪن ٿا. پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ايم ڪيو ايم کان علاوه نون ليگ جي وفاقي حڪومت ۽ مخصوص ميڊيا گروپ به سنڌ جي ورهاڱي جي مهم هلائي رهيا آهن. حڪمرانن کي خبردار ٿا ڪريون ته سنڌ صوبو نه پر هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جي حيثيت سان پاڪستان ۾ شامل ٿيو هو. پاڪستان کي وجود ڏيندڙ سنڌ آهي، ان جي وجود تي وار ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي سنڌ جو ڪو به ماڻهو برداشت نه ڪندو. حڪمران پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر ملڪي سالميت سان کيڏڻ بند ڪن، سنڌ کي ٽوڙڻ جي مهم هلائيندڙ دهشتگردن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو آمريڪي سامراج دنيا جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. آمريڪا طرفان جوڙيل بورڊ آف پيس کي ڍونگ ۽ فراڊ قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ٽرمپ جو بورڊ آف پيس فلسطين کي ڪمزور ۽ اسرائيل کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ جي سازش آهي، هي بورڊ يو اين او کي ختم ڪري يوني پولر ورلڊ آرڊر جو اعلان آهي جنهن مطابق آمريڪا کي پنهنجا سامراجي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون ڪرائڻ جي کلي ڇوٽ هوندي، ان کان ڪو به پڇڻ وارو نه هوندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته 27هين آئيني ترميم کانپوءِ امڪاني 28هين آئيني ترميم ذريعي 18هين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوٽي نئين ون يونٽ جي شڪل آهي. بلديا فيڪٽري ۾ ڀتو نه ملڻ ڪري اڍائي سئو مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي جيڪڏهن سزائون ملن ها ته هي گل پلازه وارو دردناڪ سانحو نه ٿئي ها. گذريل ارڙهن سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪرپشن، منشيات، ڌاڙيل راڄ، بدامني، لاقانونيت ۽ صوبائي ادارن جي تباهي اقرباپروري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. ڪراچي ۾ گل پلازه جي واقعي کي رهائشي اسڪيمن ۾ حڪومتي نمائندن جي ڪرپشن ۽ دهشتگردن کي ڇوٽ جو ثبوت قرار ڏيندي چيو ويو ته حڪمرانن لاءِ عوام جي زندگين کان وڌيڪ ڪرپشن، ذاتي ۽ گروهي مفاد عزيز آهن. ، اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،عمره سمون، عبدالقادر رانٽو،ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي،لال جروار، ستار رند، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گنڌرو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو،درياءَ خان زئور،سرمد سائينداد خاصخيلي،علي محمد پرويز،ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو،ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي،ڪاشف ملاح،ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، نجيب الرحمان مھيسر، سرواڻ جتوئي،ڄام تماچي،نور نبي پليجي، قادر ڀٽو،عبدالرحمان سمون، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.