گل پلازا سانحي 18هين ترميم تي بحث کي نمايان ڪري ڇڏيو؟

لاهور(امداد سومرو)گذريل ڏينهن کان نون صوبا قائم ڪرڻ بابت بحث جاري آهي، ۽ پهرين 18هين ترميم ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. ڪراچي جي گل پلازا جي باهه هن معاملي کي وڌيڪ نمايان بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب 18هين ترميم بابت بحث وڌي ويو آهي. ڪجهه وفاقي وزير ۽ عليم خان جهڙا اڳواڻ نوان صوبا قائم ڪرڻ تي ڳالهائي رهيا آهن. خواجا آصف پڻ وفاقي سطح تي نون صوبا قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري چڪو آهي، ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ يا صوبن جا اختيار واپس وٺڻ هڪ مشڪل عمل آهي، ڇو ته ان لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي  اڪثريت سان قرارداد منظور ڪرڻ ضروري آهي، ادارن جي حمايت سان ڪجهه ترميمي تجويزون آيون آهن، جنهن ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ شامل آهن. پر پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين پاران هن تي اعتراض ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ اهي انهيءَ تجويز کي قبولڻ لاءِ تيار نه آهن.موجوده سيٽ اپ هڪ “هائبرڊ سسٽم” آهي، جنهن ۾ فيصلا جزوي طور تي حڪومت جي اختيار هيٺ آهن ۽ جزوي طور تي ٻاهرين اثر هيٺ. حڪومت نه مڪمل جمهوري آهي، نه مڪمل غير جمهوري، پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ ڪنهن قسم جو سمجھوتو نه ٿئي، ته هي معاملو وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو، ۽ حڪومت ۽ موجوده سيٽ اپ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 26 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.