لاهور ۾ ڪارڪردگي آهي، ڪراچي ۾ ڪجهه به نه پيو ٿئي:گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، گل پلازا سانحي ۾ شهيد ٿيل آفتاب جي گهر تعزيت لاءِ پهتو، جتي هن شهيد جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو۔ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي، وارثن کي آفيسن جا چڪر نه ڪرايا وڃن، ڪائونٽر قائم ڪري سندن مدد ڪئي وڃي،هن چيو ته جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته اسان تيار آهيون، پر سڀ کان پهرين 88 لاشن جو حساب ڏنو وڃي۔ جڏهن مان ڪجهه ڳالهائيندو آهيان ته فوراً ترجمانن جا بيان اچي وڃن ٿا، ۽ چيو وڃي ٿو ته گل پلازا سانحي تي ڳالهه نه ڪئي وڃي۔گورنر سنڌ چيو ته سانحي گل پلازا هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهن جا دل ڏڪائي ڇڏيا آهن۔ جيڪو ڪجهه اتي ٿيو آهي، ان تي سياست نٿا ڪريون، پر اهو ڪهڙو منطق آهي ته ڳالهه ئي نه ڪئي وڃي۔هن چيو ته مقصد اهو لڳي ٿو ته معاملي تي مٽي وجهي، ٻئي سانحي جو انتظار ڪيو وڃي۔ 47 سال پراڻي ليز ته ڪڍي آئي آهي، پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته باهه ڪيئن لڳي۔ هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهن سان وڏي ناانصافي ٿي آهي۔گورنر سنڌ چيو ته مان هي معاملو عوام وٽ کڻي ويندس۔ ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن مان رقم ڏني پئي وڃي، ڪو پنهنجي کيسي مان ته نٿو ڏئي،هن چيو ته ڏسڻو صرف اهو آهي ته هن لاپرواهي جو ذميوار ڪير آهي۔ مان سڀني وارثن جي گهرن تي ويندس،مون وٽ سوٽ ڪيس آهن جن ۾ ثبوت موجود آهن۔ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ نٿا ٺهن، گهرن ۾ چولها نٿا ٻرن۔هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ملڪ جو حصو لاهور به آهي، اتي انتظاميه ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، جڏهن ته هتي ڪجهه به نٿو ٿئي۔ توهان صلاح مشورا ڪرڻ به پسند نٿا ڪريو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.