چوٽياريون واقعي ۾ ملوث جوابدار کي سزا ڏياربي:شازيا مري

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پوليس چوٽياريون واقعي ۾ ملوث جوابدار وزير راڄڙ کي گرفتار ڪيو آهي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ته جيئن ڪنهن به ذميوار کي فرار ٿيڻ جوموقعو نه ملي، ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي. هوءَ ڪالهه چوٽياري واقعي جي متاثر شاد بانو ملاح جي عيادت لاءِ سول اسپتال حيدرآباد پهتي، هن متاثر ناري جي صحت بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي. دوري دوران شازيه عطا مري متاثر ۽ سندس خاندان سان ملاقات ڪري مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شاد بانو ملاح کي انصاف جو يقين ڏياريو. شازيه مري چيو ته هي هڪ افسوسناڪ واقعي آهي. سنڌ حڪومت متاثر جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته اسان کي جيئن ئي واقعي جي رپورٽ ملي ته منهنجي ڀيڻ قرت العين مري فوري طور تي متاثرن وٽ پهتي. هن چيو ته هي واقعو تمام گهڻو حساس آهي ۽ متاثر ڇوڪري جي چهري تي سنگين زخم آهن ۽ ان سان گڏ سندس روح تي به گهرا زخم آيل آهن، جنهن جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سماج کي گڏيل ذميواري نڀائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ هن واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي ضرور سزا ڏني ويندي. هن چيو ته اهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو ۽ عدالتن مان مڪمل انصاف جي اميد آهي. هن چيو ته سندس تڪ ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ سندس اولين ترجيحن مان هڪ آهي. هن چيو ته متاثر ڇوڪري جي علاج لاءِ 12 ڊاڪٽرن تي مشتمل هڪ خاص ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ سينيئر ڊاڪٽر شامل آهن، جيڪي ڇوڪري جي بهترين علاج کي يقيني بڻائيندا.

شادبانو ملاح جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هلندڙ

حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چوٽياريون ۾ زيادتي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايل ناري شاد بانو ملاح جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ بهتر علاج هلندڙ آهي، سندس حالت بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ناري جو اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي هدايتن تي اسپتال جي مختلف شعبن ڏندن ۽ ميڪسيلوفيشل سرجري، پلاسٽڪ سرجري ۽ نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر معائنو ڪري چڪا آهن، وڌيڪ معائني لاءِ ماهر ڊاڪٽرن تي مشتمل 12 رڪني ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو آهي. اسپتال ۾ ساڻس وومين ايڪشن فورم جا اڳواڻ، ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري ملاقات لاءِ پهتا.

چوٽياريون واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

حيدرآباد: سانگهڙ ضلعي جي چوٽياري واري علائقي ۾ بااثر شخص پاران زيادتي جو نشانو بڻايل ناري شاد بانو ملاح جي ڪيسجي جاچ جي نگراني لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڊي آءِ جي پوليس جي نگراني ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن تي مشتمل 6 رڪني ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، ڪميٽي جا ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايس پي سانگهڙ، ڊي ايس پي زڪريا ڪيريو، سي آءِ اي انچارج سانگهڙ ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري سنڌ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪندا.

ايس  ايس پي سانگهڙ شادبانو ملاح خلاف مهم هلائي آهي

حيدرآباد:عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي اڳواڻن چيو آهي عورتن کي قتل ڪيو پيو وڃي، پوليس سميت سنڌ سرڪار جي سموري مشينري قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي،هنن چيو ته ايس  ايس پي سانگهڙ پريس ڪانفرنس ڪري شادبانو ملاح خلاف مهم هلائي آهي جيڪا نياڻي جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿي آهي جنهن کي بليڊن سان جهير ڏنا ويا آهن، ان نياڻي سان انصاف بدران ان جي ڪردار ڪشي واري مهم ايس ايس پي سانگهڙ جي سربراهي ۾ هلائي پئي وڃي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌ پوليس وحشي درندن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شادبانو ملاح ۽ آسيا کوسو سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ سمورن وحشي درندن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڌاڙيل راڄ، بدامني، اغوا انڊسٽري کي حڪمرانن مضبوط ڪيو آهي. آئين، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني بدران جهنگ جو قانون لاڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.