ڪراچي،24 ڏينهن اندر ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 3 هزار کان مٿي ڪيس رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪتن جي حملن وارن ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي، شهر جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن ڪيسن ۾ نمايان واڌ ڏٺي وئي، شهر جي اسپتالن جي موجب پهرين جنوري کان وٺي هاڻي تائين شهر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪتن جي  ڏاڙهجڻ جا مجموعي طور 3 هزار 40 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جناح اسپتال ۾ 700 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ هڪ هزار ڪيس ظاهر ٿيا. ان کان سواءِ  اسٽيڊيم روڊ تي موجود نجي اسپتال ۾ به 20 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ موجب شهر ۾ رواجي زندگيءَ تي به ڪتن جي ڏاڙهجڻ جي واقعن جو اثر پئجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.