اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيڻ عوام سان دوکو آهي، نون صوبن ۾ ڪو حرج ناهي: خواجا آصف

لاهور (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف نون صوبن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي ۽ ڪنهن کي ڊڄڻ نه گهرجي.
لاهور ۾ ٿنڪ فيسٽ سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته نون صوبن جي قيام سان ملڪ جي انتظامي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
هن 27هين آئيني ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته ان مان ٻه شقون ڊراپ ڪيون ويون هيون، جن مان هڪ لوڪل گورنمينٽ بابت هئي، جنهن تي ڪيترائي اعتراض هئا.
سندس چوڻ هو ته لوڪل گورنمينٽ کي خطري بدران هڪ نرسري طور سمجهڻ گهرجي ۽ دنيا ۾ نيو يارڪ جو ميئر ممداني ان جو وڏو مثال آهي، پاڪستان جي بقا لوڪل گورنمينٽ ۾ آهي، اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيڻ عوام سان دوکو آهي.
خواجا آصف چيو 18هين ترميم ۾ ته اختيار جي ورڇ جي گارنٽي ڏني وئي هئي پر اهو عملي طور ممڪن نه ٿي سگهيو، جنهن سبب مان ان کي ”ڏيکاءُ“ قرار ڏنو، جيڪو گهڻن ماڻهن کي نه وڻيو.
هن چيو ته ٽن وڏن ڊڪٽيٽرن به لوڪل گورنمينٽ ذريعي پنهنجا اختيار مضبوط ڪيا، سياستدانن کي ڊگھي مدي لاءِ اقتدار نه مليو پر ڊڪٽيٽرن اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري منهنجي پوزيشن مستحڪم ڪئي.
سندس چوڻ هو ته لوڪل گورنمينٽ ڪنهن لاءِ خطرو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي خدشو آهي ته اها رڳو بيورو ڪريسي آهي، ڇو ته ان جا اختيار گهٽجي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.