آءِ سي سي ڀارت ۾ ميچون نه کيڏڻ تي بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ڇڏيو، اسڪاٽ لينڊ شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي باضابطا طور اعلان ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم شرڪت ڪندي.
بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پنهنجون ميچون سريلنڪا منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
آءِ سي سي موجب ان معاملي تي ٽن هفتن کان وڌيڪ وقت تائين تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، بي سي بي جي خدشن جو چڱي طرح جائزو ورتو ويو.
آءِ سي سي چيو آهي ته بي سي بي سان سڀني معاملن تي ڳالهايو ويو ۽ انهن کي خاطريون به ڪرايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.