لاهور (ويب ڊيسڪ) ريل گاڏي ۾ مسافر عورت کي چماٽ هڻندڙ اسپيشل ٽڪيٽ ايگزامينر (ٽڪيٽ چيڪر) کي معطل ڪيو ويو.
ڊويزنل ڪمشنر آفيسر موجب جهيڙو ڪرڻ تي اسپيشل ٽڪيٽ ايگزامينر ارشاد کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف انڪوائري به شروع ڪئي وئي آهي.
فيصل آباد کان راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس ۾ سامان رستي ۾ رکڻ تي جهيڙو ٿيو هو، عورت مسافر سان جهيڙي جو واقعو 5 ڏينهن اڳ پيش آيو.
You might also like