لاهور ۾ 19 ماڙ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي، 3 ڄڻا فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ 19 ماڙ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
چيف سيڪريٽري پنجاب موجب باهه هوٽل جي بيسمنٽ ۾ لڳي، هوٽل مان 180 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ عمارت جي اندر ڪو به شخص موجود ناهي.
ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور فيصل ڪامران ٻڌايو ته باهه تي فوري طور ضابطو آندو ويو، جنهن سبب وڏي حادثي کان بچي وياسين، جڏهن ته باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.