جوڪووچ جو وڏو ڪارنامو، 400 گرينڊ سليم ميچون کٽيندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) سربيا سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ نئين تاريخ لکي ڇڏي، هو 400 گرينڊ سليم ميچون کٽيندڙ دنيا جو پهريون رانديگر بڻجي ويو.
نواڪ جوڪووچ اهو ڪارنامو آسٽريلين اوپن 2026 ۾ انجام ڏنو، جتي هن نيدرلينڊز جي مخالف کي شڪست ڏئي رائونڊ آف 16 ۾ جاءِ ٺاهي.
ان ڪاميابي سان ئي نواڪ جوڪووچ ٽينس ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي ۽ هو گرينڊ سليم ٽورنامينٽس ۾ 400 ميچون کٽيندڙ دنيا جو پهريون رانديگر بڻجي ويو.
ان فهرست ۾ ٻيو نمبر راجر فيڊرر جو آهي، جنهن 369 ميچون کٽيون آهن، جڏهن ته رافيل نڊال 314 ميچون کٽيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.