ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميھڙ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گاھي مھيسر روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
مھراڻ ھوٽل ڀرسان اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ گهارو واسي نوجوان اميد علي پٽ ديدار سرگاڻي مارجي ويو، جڏهن ته پورهيت نوجوان ضامن مھيسر زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو، جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب لاڙڪاڻي نيو ويو.
ڊي ايس پي معشوق ڪيريو موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، شروعاتي جاچ موجب سرگاڻي برادري وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like