ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ ڪوٽڙي ڀرسان ٻولهاڙي واري علائقي ۾ تيز رفتار ڊمپر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
بدنصيب ڪار سوار ڪٽنب حيدرآباد کان ٺٽي وڃي رهيو هو ته سندن ڪار جو ڊپمر سان ٽڪر ٿي پيو.
فوتين ۾ 6 ورهين جي جنت بي بي، 10 ورهين جي طورا بيبي، 8 ورهين جو شاهه زيب، 54 ورهين جو غلام حيدر، رضا خان، مسمات ثمينا ۽ مسمات صابي شامل آهن.
ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي مڙهه اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
فوتي لطيف آباد حيدرآباد جا رهواسي ۽ پٺاڻ برادري سان تعلق رکندڙ ٻڌايا ويا آهن.
Next Post
You might also like