اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد پوليس انساني حقن جي سرگرم وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه کي گرفتار ڪري ورتو.
ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي سرينا چوڪ انڊر پاس ڀرسان گاڏي روڪي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي جا موبائل فون به قبضي ۾ ورتا ويا آهن.
ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ وڃي رهيا هئا.
ٻئي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وين ۾ سوار هئا، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر واجد گيلاني ۽ منظور ججه به ساڻن گڏ هئا.
واضح رهي ته ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه اڳ ئي پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪيو هو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو هو ته هو پنهنجي موقف تي مضبوطي سان قائم آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا، ڀلي جيل ڇو نه وڃڻو پوي.
You might also like