ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪپتان جو پنهنجن رانديگرن مان بهترين ڪارڪردگي ڪڍڻ ۾ وڏو ڪردار هوندو آهي، جڏهن ٽيم ميچ هارائيندي آهي ته رانديگر به ڏُکارا هوندا آهن.
حارث رئوف آسٽريليا ۾ هڪ خاص انٽرويو دوران ٻڌايو ته آسٽريلوي پچن سان خاص محبت ناهي،آسٽريلوي حالتن ۽ ثقافت کي سمجهڻ منهنجي ڪيريئر ۾ اهم رهيو آهي، ڪرڪيٽ جي حوال سان آسٽريلوي سرزمين مون لاءِ لاڀائتي رهي آهي.
هن چيو ته ميلبورن اسٽارز جي ڪپتان مارڪوس اسٽونس منهنجي بگ بيش ڪيريئر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
حارث رئوف موجب، بگ بيش ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ فرق آهي، بگ بيش هڪ وڏي ليگ آهي جنهن ۾ وڏا رانديگر کيڏن ٿا، جڏهن ته پي ايس ايل وڏي ليگ بڻجي رهي آهي ۽ نيلاميءَ کانپوءِ وڌيڪ وڏا پرڏيهي رانديگر پاڪستان ايندا.
هن چيو ته رانديگرن تي تنقيد ۽ بدتميزي ۾ فرق آهي، اسان مان ڪي ماڻهو حدون اورانگهي ويندا آهن.
حارث رئوف چيو ته هو جڏهن به پاڪستان لاءِ کيڏيو آهي، هميشه سو سيڪڙو ڏيڻ ڪوشش ڪئي آهي، سندس ڪردار هميشه وڪيٽون وٺڻ جو آهي، رنسون روڪڻ نه.
هن چيو ته سڀ کان ڏکيو ڪم آخري اوورن ۾ بالنگ ڪرڻ آهي جيڪو مون کي ڏنو ويندو آهي، ڊيٿ اوورن بالنگ سولي ناهي هوندي.
سندس چوڻ هو ته بگ بيش ۾ مون کي چيو ويو ته دفاعي انداز ۾ بالنگ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ميلبورن اسٽارز جي مينيجمينٽ چيو ته دنيا جا بهترين بيٽر مون کان ڊڄن ٿا.
حارث چيو ته مون کي بگ بيش ۾ رڳو وڪيٽون وٺڻ جو ڪردار ڏنو ويو، مون کي چيو ويو ته رنسن جي پرواهه نه ڪر، مان به آساني سان رنسون روڪڻ واري بالنگ ڪري سگهان ٿو پر ماڻهن کي منهنجو ڪردار سمجهڻ گهرجي.
حارث رئوف جو چوڻ هو ته ايشيا ڪپ کانپوءِ لڳاتار پرفارمنس ڏئي رهيو آهيان، پر پوءِ به مون تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته ڪنهن به رانديگر کي ٺاهڻ يا تباهه ڪرڻ ۾ ڪپتان جو اهم ڪردار هوندو آهي، ڪپتان تي آهي ته هو پنهنجن رانديگرن جون صلاحيتون ڪيئن بهترين انداز ۾ استعمال ڪري.
حارث چيو ته جيڪڏهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيو ته ڏک ٿيندو، پر ڪيريئر ختم نه ٿيندو، مان پنهنجو ڪم جاري رکندس ۽ پنهنجي بالنگ تي وڌيڪ محنت ڪندس.