وڏي وزير جو گل پلازا جي ٻيهر اڏاوت ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا جي هر دڪاندار کي پهرئين مرحلي ۾ پنج لک رپيا ڏيڻ ۽ گل پلازا جي ٻيهر تعمير جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته گل پلازا سانحي تي سڄو ملڪ ڏکويل آهي.
هن چيو ته هو اڄ ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿو، اهڙا واقعا دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا، پر انهن جي روڪٿام لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو.
هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ڪُل 88 ماڻهو لاپتا رپورٽ ٿيا هئا، جن مان ڪجهه جي ريپيٽيشن ٿي ۽ صحيح انگ 82 نڪتو. هن وقت تائين 67 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته اڃا 15 ڄڻا گم آهن، 15 ڄڻن جو ڊي اين اي ٿي چڪو آهي، 52 ماڻهن جي ڊي اين اي جو عمل جاري آهي. لاشن جي نشاندهي کانپوءِ انهن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.
هن چيو ته گل پلازا جو واقعو صبح ڏهه لڳي 14 منٽن تي گرائونڊ فلور جي هڪ دڪان ۾ باهه لڳڻ سبب پيش آيو. ڏهه لڳي 26 منٽن تي فائر برگيڊ کي ڪال آئي.
خامين ۽ ڪوتاهين بابت مڪمل جاچ جاري آهي ۽ هن سانحي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ريسڪيو 1122 کي ڏهه لڳي 36 منٽن تي ڪال ڪئي وئي.
باهه لڳڻ کان 16 منٽن بعد سرڪاري نمائندو ڊي سي سائوٿ واقعي واري هنڌ پهتو.
هن چيو ته کيس ڪنهن جي نيت تي شڪ ناهي، پر هن معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي هئي، ارڙهين ترميم بابت بيانن کانپوءِ ڪهڙا ڪارڻ آهن ان تي ڳالهائيندس.
وڏي وزير جي تقرير دوران جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پنهنجي سيٽ تان اُٿي بيهي چيو ته سي ايم غلط بياني ڪري رهيو آهي، ڊي سي واقعي واري هنڌ نه پهتو هو.
ان تي وڏي وزير چيو ته گل پلازا جي ليز ڪي ايم سي منظور ڪئي هئي، هن سوال ڪيو ته ان وقت ڪي ايم سي ۾ ڪير هو؟ اسي واري ڏهاڪي ۾ گل پلازا جڙي راس ٿي، اٺن سالن کانپوءِ گل پلازا جي ليز رينيو ڪئي وئي، سال 1991ع ۾ ڪي ايم سي گل پلازا جي ليز ۾ واڌ ڪئي.
هن چيو ته ارڙهين ترميم کان اڳ وارو گند اڄ تائين صاف ڪري رهيا آهيون، 1991ع ۾ ميئر ڪير هو؟ پهرين نعمت الله خان ۽ پوءِ فاروق ستار هئا، ان وقت جي ميئر ليز منظور ڪئي، 1979ع ۾ گل پلازا کي بيسمينٽ، گرائونڊ ۽ ٻن فلورن جي منظوري ڏني وئي هئي. 2001ع ۾ نه ارڙهين ترميم هئي ۽ نه پيپلز پارٽي.
مراد علي شاهه چيو ته اهڙي سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ سندس نظر ۾ وڏي ڏوهه برابر آهي، حڪومت تي تنقيد ڪريو، پر سياست نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.