ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جا اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 9 هزار رپين جي وڏي واڌ کانپوءِ 5 لک 14 هزار 662 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 7 هزار 802 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 41 هزار 239 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 91 ڊالرز جي اضافي سان 4 هزار 923 ڊالرز تي پهچي ويو آهي.
ان کانسواءِ چاندي جي قيمتن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
چاندي جو في تولو 372 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 10 هزار 275 رپين جي تاريخي بلند سطح تي پهچي ويو آهي.