ڪراچي)ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هڪ وائرل پوسٽ ۾ پاڪستان جي ٽن ڪرڪيٽرن تي الزام لڳايو ويو آهي ته هو هڪ خانگي مينيجمينٽ ڪمپني(سايا ڪارپوريشن) جي مبينا مضبوط پي آر مهم سبب آسٽريليا جي بگ بيش ليگ ۾ چونڊيا ويا.
سوشل ميڊيا تي وائرل پوسٽ موجب، بي بي ايل شروع ٿيڻ کان اڳ اها خبر ڦهلائي وئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچن بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، جنهن سبب رانديگرن کي تنقيد کان بچايو ويو.
پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽورنامينٽ دوران هڪ رانديگر کي اوور پوري ٿيڻ کان اڳ بالنگ کان روڪيو ويو، ٻئي کي ميچ جي دوران بيٽنگ تان هٽايو ويو، جڏهن ته ٽئين رانديگر کي ٽورنامينٽ مان ئي ٻاهر ڪيو ويو.
پوسٽ موجب، جنهن ٽورنامينٽ مان شهرت ملڻ جي اميد هئي، اِها ئي ٽورنامينٽ سندن شرمساري جو سبب بڻي.
هي پوسٽ سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي شيئر ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار طرفان مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ڪرڪيٽرن يا ادارن طرفان هن حوالي سان اڃا تائين ڪو باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.