ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، شهر کي ٿڌ وڪوڙي وئي، گهٽ ۾ گهٽ پارو 7.4 ڊگري رڪارڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جي پهرئين وسڪاري کانپوءِ شهر ۾ سڀ کان گهٽ گرمي پد بن قاسم ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، بن قاسم شهر جو سڀ کان ٿڌو علائقو رهيو، جتي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 7.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته گلستان جوهر ۽ جناح ٽرمينل تي گرمي پد 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.
موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ماڙيپور ۾ پارو 8.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪِري پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.