ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ روڊن جي بحالي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميئر ڪراچي شهر جي 409 خراب روڊن جي مرمت جي نشاندهي ڪئي.
اجلاس ۾ وزير مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه به شرڪت ڪئي ۽ ٻڌايو ته 7 ضلعن ۾ 400 روڊن تي پيچ ورڪ ڪيو ويندو، جڏهن ته 9 روڊن جي مڪمل طور نئين سر اڏاوت ٿيندي.
هن چيو ته روڊن، سيوريج ۽ واٽر سپلاءِ منصوبن تي مجموعي طور 12.57 ارب رپين جي لاڳت ايندي.
ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ 21.53 ارب رپين جي منظوري ڏيندي ڪراچي جي روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ جي به منظوري ڏني، جڏهن ته 24 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز لاءِ به مالي امداد منظور ڪئي وئي.
وڏي وزير چيو ته عوامي سهولت ۽ شهري تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، روڊن جي بحالي سان اچ وڃ بهتري ايندي ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي.
ترجمان موجب، وڏي وزير شهر جي 26 وڏن روڊن جي بحالي لاءِ ڪي ايم سي کي هدايتون جاري ڪيون، جڏهن ته سمورن رٿائن تي شفاف، معياري ۽ وقت سر ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ ناڻي کاتي کي فنڊز فوري طور جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.