توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندس: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد )ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مان 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن بابت قانون سازي کي غير اسلامي سمجهان ٿو، مان توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندس.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اوهان دٻاءَ هيٺ آهيو.
ان تي اسپيڪر جواب ڏنو ته هي اهڙي ڪرسي آهي، جنهن مان نه حڪومت خوش هوندي آهي ۽ نه ئي اپوزيشن.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن بابت قانون سازي کي غير اسلامي سمجهي ٿو ۽ بهتر اهو هو ته اها قانون سازي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪلي وڃي ها.
هن چيو ته هو ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندو ۽ هو پنهنجي شديد احتجاج کي ايوان ۾ رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي، اسان اهڙا قانون ملڪ ۾ نه هلڻ ڏينداسين.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هو ان مائينڊ سيٽ جي خلاف آهي، جنهن هي قانون ٺاهيو آهي، اهڙي سياست مناسب ناهي.
غزا امن بورڊ بابت ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن پيس بورڊ جي نڪتن ۾ تبديليون ٿيون ته اوهان ڇو ويا؟
ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي جارحيت کي طاقت ڏئي رهيو آهي، ٽرمپ حماس کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا افغانستان، عراق ۽ ليبيا کي تباهه ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.