نفعي جي چڪر ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا ڪروڙين رپيا هڙپ؟ رانديگرن جو بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻن ۽ موجوده ڪرڪيٽرن سان مبينا فراڊ جي خبرن تي رانديگرن پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته اسان ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي هئي، اسان سان ڪا به ٺڳي ناهي ٿي.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته ڪمپني اسان سان رابطي ۾ آهي، مارچ تائين سموريون ادائيگيون ڪليئر ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، رڳو 2 چيڪ بائونس ٿيا آهن.
رانديگرن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پڻ رابطو ڪيو آهي، رانديگرن محسن نقوي کي ٻڌايو ته في الحال ڪو به مسئلو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته آگاهه ڪيو ويندو.
رانديگرن چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي ٻڌايو ته مارچ تائين ادائيگي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ڪمپني جو مالڪ دبئي ۾ آهي ۽ اسان سان رابطي ۾ آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ خبر سامهون آئي هئي ته ڪرڪيٽرن مبينا فراڊ خلاف ڪنهن به پليٽ فارم تي باقاعده شڪايت درج ناهي ڪرائي، جڏهن ته رانديگرن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان به مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ رابطو ناهي ڪيو.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽرن اڳوڻي ڪپتان جي نقش قدم تي هلندي هڪ ڪاروباري شخص سان سيڙپڪاري ڪئي، موجوده ڪرڪيٽرن ۾ اڳوڻن ۽ موجودا ڪپتانن جا نالا به شامل آهن، ڪجهه ڪرڪيٽرن سڌي ريت به ڪاروباري شخص سان سيڙپڪاري ڪئي، ڪرڪيٽرم غيرمعمولي نفعي جي لالچ ۾ پنهنجا ڪروڙين رپيا ڏئي ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.