ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ کي وڏو ڌڪ، انجري سبب اهم بالر ميگا ايونٽ مان آئوٽ

ڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو، فاسٽ بالر ايڊم ملني زخمي ٿيڻ سبب ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ايڊم ملني کي ڏکڻ آفريڪا جي” ايس اَي“ ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ هيمسٽرنگ انجري ٿي هئي، جنهن مان هو ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو، سندس جي جاءِ تي ڪائل جيميسن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪائل جيميسن کي ورلڊ ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم ۾ ٽريولنگ ريزرو طور شامل ڪيو ويو هو، جنهن کان هاڻي باظابطا طور اسڪواڊ جو حصو بڻايو يو آهي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ست فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ شروع ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.