ڪراچي (رپورٽر) سول اسپتال جي ڊي اين اي ليب جي سڃاڻپ پراجيڪٽ جي انچارج عامر حسن گل پلازا سانحي مان حاصل ٿيل باقيات بابت ڳڻتي جوڳا انڪشاف ڪيا آهن، عامر حسن موجب گل پلازا مان ملندڙ باقيات جي حالت انتهائي خراب آهي، ڊي اين اي لاءِ سيمپلز وٺڻ مشڪل آهي، صرف 6 لاش مڪمل حالتن ۾ مليا آهن، جڏهن ته هڪ لاش خراب حالت ۾ هو ۽ مجموعي طور تي صرف 15 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي، باقي جيڪي لاشون مليا آهن، اهي صرف باقيات جي صورت ۾ هيا، انچارج چيو ته نوان ملندڙ لاش مڪمل طور تي سڙيل آهن ۽ سيمپل لاءِ جڏهن باقيات کي هٿ لڳايو وڃي ٿو ته اهي پاؤڊر ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، ڊي اين اي سيمپلز وٺڻ جو عمل جاري آهي ۽ سڃاڻپ جاري آهي، عامر حسن ٻڌايو ته هن وقت تائين 50 تقريبن بيگز تيار ڪيا ويا آهن، لاشن سڃاڻپ لاءِ ٻين طريقن جو پڻ استعمال ڪيو ويندو ۽ آخري لوڪيشن جو ڊيٽا پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي.