حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار،26 ۽ 27 آئيني ترميمن خلاف سڀاڻي (اڄ) ٻنون شهر ڀرسان ڊڀو موري تي محبت سنڌ جلسه عام ٿيندو جنهن جو مھمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو هوندو،هوڏانهن اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي ۾ پکين جو شڪار بند ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن،هن چيو ته ڪرپشن سنڌ ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن به ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي.