ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي چيو آهي ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي تباهي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميوار ايم ڪيو ايم آهي، وقار مهدي متحده اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال متحده جي چيئرمين شپ نه ملڻ تي بوکلاجي ويو آهي ۽ سندس بار بار تبديل ٿيندڙ بيانن کي هاڻي متحده جا ڪارڪن به سنجيده نه ٿا وٺن، وقار مهدي چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 30 سالن کان هر حڪومت جو حصو رهي آهي، پر عوام لاءِ ڪڏهن به ڪو اهم ڪم نه ڪيو آهي، متحده جي سياست صرف نفرت پکڙڻ سان هلندي آهي، پر هاڻي ڪراچي جا ماڻهو انهن کي رد ڪري چڪا آهن، مصطفيٰ ڪمال جا بيان نفرت وارا آهن ۽ هن جي بيانن تي ڳڻتي آهي.