28هين ترميم لاءِ پ پ کي ڊيڄاريو پيو وڃي؟

اسلام آباد(حبيب اڪرم)پاڪستان ٺهڻ وقت ڪراچي وفاقي راڄڌاني هو بعد ۾ اسلام آباد وفاقي علائقو ٿيو. ڪراچي ڪجهه عرصي لاءِ وفاقي علائقو رهيو پر آخرڪار سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ 1973 جي دستور ۾ ان باقاعده آئيني حيثيت اختيار ڪئي.هاڻي وري اهو مطالبو سامهون آيو آهي ته ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي. وفاقي علائقو ٺاهڻ لاءِ قانون ۾ ترميم جي ضرورت ناهي، پر دستور ۾ ترميم لازمي آهي. سنڌ اسيمبلي کان قرارداد ضروري آهي، جيڪا ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چوي ته ها، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي حدن ۾ رد و بدل ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کي الڳ صوبو يا وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي.”دستور ۾ ترميم لاءِ في الحال ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هر طرف ٻڌي رهيا آهيون ته 28هين ترميم تي غور ٿي رهيو آهي، ۽ ان ترميم تحت اين ايف سي ۾ صوبن کي ڏنل حقن يا وسيلن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪرڻ جو سوچيو پيو وڃي.هڪ ٻي ڳالهه اها به آهي ته صوبن جي حدن ۾ رد و بدل جو اختيار مڪمل طور وفاق، يعني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي ڏنو وڃي. ۽ ٽيون نقطو اهو آهي ته ملڪ جي سڀني شهرن ۽ ضلعي علائقن ۾ مضبوط بلدياتي نظام هجي. چوٿون، 28هين ترميم تحت ڪجهه اختيار  جيڪي صوبن کي خصوصاً تعليم سان لاڳاپيل ڏنا ويا هئا، واپس وفاق ۾ اچي وڃن. 2010 ۾ پي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) وارا چوندا هئا ته جڏهن صوبن کي سڀ اختيار ملڻ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. ڪجهه حد تائين اهو ٿيو، ڪجهه معاملا بهتر ٿيا پر ڪجهه بگڙيا.هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا 28هين ترميم انهن معاملن کي درست ڪرڻ لاءِ آئي آهي يا ٻيو ڪو مامرو حل ڪرڻ لاءِ؟هن وقت سياسي صورتحال اها آهي ته پي پي پي 28هين ترميم تي خاموش آهي، نون صوبن جي باري ۾ به ڪجهه نه ٿو چوي. پي پي پي بار بار چوي ٿي ته ارڙهين هين ترميم کانپوءِ سنڌ ۾ معاملا بهتر ٿيا آهن، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صورتحال الڳ آهي،روڊ ڪجهه بهتر ٿيون، صحت جو نظام به بهتر ٿيو، پر ڇا پي پي پي اهو قبول ڪندي ته صوبن کي ڏنل وسيلا يا اين ايف سي ذريعي منتقل ٿيندڙ وسيلن ۾ ڪا گهٽتائي تي راضي ٿي وڃي؟صوبن جي حدن ۾ تبديلي جو معاملو اين ايف سي ۾ تبديلي جي حربي طور  پي پي پي کي ڊيڄارڻ لاءِ اٿاريو پيو وڃي. پ پ لاءِ ايندڙ ڏينهن ڏکيا هوندا، ۽ پي ٽي آءِ اڳ ۾ ئي ڪجهه مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهي آهي. پوءِ مسلم ليگ (ن) کي به پنجاب جي تقسيم تي موقف وٺڻو پوندو ته ڪيترا ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ڇا اهي پنجاب جي تقسيم چاهين ٿا يا نه. پي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ان بابت جواب ڏيڻ لازمي هوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 23 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.