ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي زندگي جي نئين مرحلي ڏانهن قدم وڌائي رهيو آهي، ڊگهي عرصي تائين رومانوي لاڳاپن ۾ رهندڙ عامر خان ۽ سندس گرل فرينڊ گوري اسپراٽ هاڻي گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان فيصلي سان گڏ اداڪار شادي بابت پنهنجي جذبن جو اظهار پڻ ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ عامر خان چيو ته هي سڀ ڪجهه سندس پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم ”هيپي پٽيل: خطرناڪ جاسوس“ جي رليز دوران ٿي رهيو آهي، تنهنڪري هي وقت هن لاءِ انتهائي مصروف آهي.
اداڪار گوري سان پنهنجي رشتي بابت ڳالهائيندي چيو ته ”مان ۽ گوري هڪٻئي بابت سنجيده آهيون ۽ اسان هڪ پرعزم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.“
هن چيو ته ” اسان ٻئي هڪ رشتي ۾ آهيون، ڀلي اسان رسمي طور شادي ڪريون يا نه ڪريون، پر مان دل ۾ اڳ ئي هن سان شادي ڪري چڪو آهيان،“
ياد رهي ته عامر خان گذريل سال پنهنجي 60هين سالگرهه جي موقعي تي گوري اسپراٽ کي صحافين سان متعارف ڪرايو هو ۽ ساڻس رومانوي لاڳاپن جو اعتراف پڻ ڪيو هو.