انڊر 19 ورلڊ ڪپ: پاڪستان ميزبان زمبابوي کي هارائي ٽورنامينٽ جي ايندڙ مرحلي ۾ پهچي ويو

هراري (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ميزبان زمبابوي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان فرحان يوسف جو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ وارو فيصلو درست ثابت ٿيو.
ميزبان ٽيم جا بيٽر پاڪستاني بالرن آڏو واري جي ڀت ثابت ٿيا. اوپنر نٿانيئل هلابانگانا جي ففٽي باوجود پوري ٽيم 36 هين اوور ۾ 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
هلا بانگانا 59 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻئي اينڊ تان ڪو به بيٽر گهڻي دير وڪيٽ تي ٽِڪي نه سگهيو.
پاڪستان طرفان علي رضا ، محمد صيام، مومن قمر ۽ عبدالسبحان ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته احمد حسين جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
پاڪستان 129 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، اوپنر سمير منهاس شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 74 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، احمد حسين 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته عثمان 26 ۽ علي حسن بلوچ 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
بهترين بيٽنگ تي سمير منهاس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.