سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ عسڪريت پسندن خلاف آپريشن لاءِ ويندڙ ڀارتي فوج جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 فوجي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
والاريل ڪشمير جي ليفٽيننٽ گورنر منوج سنها جاني نقصان جي تصديق ڪندي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان کي قومي نقصان قرار ڏنو آهي.
ڀارتي فوج جي وائيٽ نائيٽ ڪور ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آپريشن لاءِ ويندڙ فوج جي هڪ گاڏي خراب موسم دوران انتهائي ڏکئي جابلو رستي تان گذري رهي هئي، جيڪا سلپ ٿي روڊ تان هيٺ کاهي ۾ وڃي ڪِري، حادثي جي زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.