اوپن اي آءِ عمر جي اڳڪٿي ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي کي چيٽ جِي پِي ٽِي ۾ واهپيدارن جي اڪائونٽن جو حصو بڻائي ڇڏيو.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙا 18 سالن کان ننڍي عمر وارا واهپيدار، جيڪي چيٽ جي پي ٽي کي پنهنجي عمر نٿا ٻڌائن، انهن جي عمر جي اڳڪٿي ان ٽيڪنالاجي ذريعي ڪئي ويندي.
هي سافٽ ويئر ڪنهن فرد جي رويي ۽ ٻين سگنلز جهڙوڪ اڪائونٽ ڪيتري عرصي کان موجود آهي، ڪهڙي وقت اهو متحرڪ هوندو آهي ۽ ٻين عنصرن کي نظر ۾ رکندي عمر جو اندازو لڳائيندو.
جيڪڏهن هي سافٽ ويئر غلطي سان اوهان کي گهٽ عمر وارو قرار ڏئي ته اوهان نشاندهي ڪندڙ سروس ذريعي پنهنجي عمر جي تصديق ڪرائي سگهو ٿا.
ان لاءِ لائيو سيلفي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ضرورت پوندي.
هن نئين سسٽم جي تياري جو اعلان سيپٽمبر 2025 ۾ ڪيو ويو هو ته جيئن ننڍي عمر وارن واهپيدارن لاءِ منصوعي ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) چيٽ بوٽ ۾ وڌيڪ تحفظ فراهم ڪري سگهجي، يعني سندن حساس يا امڪاني طور نقصانڪار مواد تائين پهچ گهٽائي سگهجي.
هن وقت تائين اهو واضح ناهي ته چيٽ جي پي ٽي ڪنهن فرد جي عمر جي ڪيتري حد تائين درست اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙو پليٽ فارم، جنهن جا واهپيدار 80 ڪروڙ آهن ان لاءِ اهو گهڻو ڏکيو ڪم آهي.
هاڻي ڪو نه بچندو، اوپن اي آءِ ننڍي عمر وارن چيٽ جي پي ٽي واهپيدارن لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو
You might also like