توهان جي يوٽيوب شارٽس فيڊ تمام جلد هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) مواد سان ڀرجي ويندي، جنهن ۾ تلخيقڪارن جا پنهنجا اي آءِ ورزن به شامل هوندا.
پنهنجي سالياني خط ۾ يوٽيوب جي چيف ايگزيڪيوٽو نيل موهن لکيو آهي ته هن سال ڪنهن به وقت ڪريئيٽرز پنهنجي شخصيت موجب شارٽس تيار ڪري سگهندا.
جيتوڻيڪ هن اها وضاحت نه ڪئي ته ”پنهنجي شخصيت“ مان ڇا مراد آهي، هن رڳو ايترو چيو ته ان حوالي سان تفصيل جلد شيئر ڪيا ويندا، جڏهن ته اهو به ٻڌايو ويندو ته هي فيچر ڪيستائين دستياب هوندو ۽ ان کي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو.
يوٽيوب ۾ اي آءِ ٽولز جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي.
يوٽيوب جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڪريئيٽرز اي آءِ کي لکت ۾ هدايتن ذريعي گيمز تيار ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهندا.
انهيءَ سان گڏوگڏ موسيقي سان لاڳاپيل تجرباتي فيچر به واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
پنهنجي خط ۾ نيل موهن چيو آهي ته اي آءِ اسپام جي وڌندڙ لهر جي روڪٿام لاءِ سسٽم تيار ڪيا پيا وڃن ۽ غير معياري مواد جي ڦهلاءَ کي گهٽايو پيو وڃي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته . سڄي دنيا ۾ روزانو 200 ارب ڀيرا شارٽس ڏٺا وڃن ٿا، يوٽيوب ۾ ٻيا به نوان فيچرز شامل ڪيا ويندا، مختلف فارميٽس جهڙوڪ تصويري پوسٽن کي سڌو فيڊ جو حصو بڻايو ويندو.