ڊيووس (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪن ۾ سُسُ پُسُ ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
خميس ڏينهن پاڪستان سميت مختلف ملڪن ڊيووس ۾ غزا امن بورڊ معاهدي تي صحيحون ڪري ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان معاهدي تي صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان خوشگوار موڊ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم شهباز شريف جون صدر ٽرمپ سان سُسُ پُسُ ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
صدر ٽرمپ تقريب دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو مُرڪي آڌرڀاءُ ڪيو.
پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت تقريب ۾ عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي.
ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت تي سڀني ملڪن جا ٿورئتا آهيون، بورڊ آف پيس بابت گڏيل قومن سميت ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين.