ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جاچ اختيارين اکين ڏٺن شاهدن ۽ متاثرن جي بيانن جي مدد سان گُل پلازا سانحي بابت ابتدائي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، گل پلازا ۾ باهه مصنوعي گلن جي دڪان ۾ لڳي، دڪان ۾ موجود ٻارن جي کيڏڻ دوران باهه ڀڙڪي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ٻار دڪان ۾ ماچس يا لائٽر سان کيڏي رهيا هئا، شروعاتي طور باهه دڪان ۾ موجود سامان ۾ لڳي ۽ پوءِ بجلي جي تارَن ۾ پکڙجي وئي.
ذريعن موجب، باهه شارٽ سرڪٽ سبب نه لڳي، باهه لڳڻ شرط عمارت ۾ موجود ماڻهو نڪرڻ وارن رستن ڏانهن ڊوڙيا، عمارت جا دروازا بند هئڻ سبب ڀاڄ پئجي وئي.
ذريعن چيو آهي ته عمارت ۾ گهڻا دڪان کليل هيا، عمارت جي ڇت ڏانهن ويندڙ رستي تي به گرل لڳل هئي، باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ موجود سي سي ٽي وي سسٽم مڪمل طور متاثر ٿيو آهي.