ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) هيومن رائيٽس آف پاڪستان پاران ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ واقع گل پلاز ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي لاءِ سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج دوران سنڌ حڪومت جي نااهلي خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي ۽ ذميوارن کي فوري طور سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو احتجاج ۾ انساني حقن جا ڪارڪن، شهري سماجي نمائندا، ۽ شهيدن جا وارث وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. مظاهرو ڪندڙن هٿن ۾ شهيد جا فوٽو ۽ پلي ڪارڊ کڻي “شهيدن کي انصاف ڏيو”، “انساني جانين سان کيڏڻ بند ڪيو” ۽ “سنڌ حڪومت جواب ڏئي” جهڙا نعرا هنيا. جڏهن ته ڏيا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا به پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي جذباتي منظر به ڏسڻ ۾ آيا ۽ ڪيترن ماڻهن جون اکيون آليون ٿي ويون. هيومن رائيٽس آف پاڪستان جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گل پلازہ واقعو رڳو حادثو نه پر حڪومتي غفلت ۽ مجرمانه لاپرواهي جو نتيجو آهي. هنن چيو ته شهيد ٿيل ماڻهو غريب ۽ محنت ڪش هئا، پر حڪومت سندن زندگين کي ڪا اهميت نه ڏني.مظاهرو ڪندڙن مطالبو ڪيو ته گل پلازہ واقعي جي اعليٰ سطحي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ملوث ذميوارن کي گرفتار ڪري کين مثال بڻايو وڃي، شهيدن جي وارثن کي مڪمل معاوضو ۽ روزگار فراهم ڪيو وڃي.