ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اينڪر تابش هاشمي سانحي گل پلازا تي ڳالهائيندي چيو آهي ته دنيا ۾ اهڙن واقعن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏبي آهي، پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿيندو. ڪنهن پارٽي کي 17 سال آزمائڻ کان پوءِ وري موقعو ڏيڻ بيوقوفي آهي،هن چيو ته يونيورسٽي روڊ هڪ مثال آهي ته شهر سان ڇا ٿي رهيو آهي، هن منصوبي ۾ وفاقي، صوبي ۽ لوڪل اٿارٽيز شامل آهن، پر سڀني کي لڳي ٿو ته انهن جو مسئلو عوام جي مسئلي کان وڏو آهي، انهيءَ ڪري اهو ڪم گذريل ٽن سالن ۾ مڪمل نه ٿيو ۽ ايندڙ ٻن سالن ۾ به نه ٿيندو،سوشل ميڊيا صارفاسدآر چوڌريڪراچي جي عوام ۾ تمام گهڻو لاوو پڪي رهيو آهي، خدا را فيلڊ مارشل / وزيراعظم / زرداري صاحب گڏجي ويهن ۽ ڪراچي جو ڪو حل ڪڍن،اينڪر رئوف ڪلاسرا چيو ته ڪراچي مان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي اسد عالم نيازي انڪشاف ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ته ڪراچي ٽي سال اڳ مليو آهي۔ان تي مون حيران ٿي پڇيو ته اسان ته سمجهندا رهياسين ته پيپلز پارٽي 2008 کان سنڌ صوبي تي حڪومت هلائي رهي آهي، پوءِ ڪراچي تي ٽي سال اڳ ڪنهن جي حڪومت هئي؟اينڪر امبر دانش لکيو ته ڪوئي شهلا رضا کي ٻڌائي، جيڪا ڪالهه نيوزي لينڊ ۾ باهه سبب 40 ماڻهن جي موت کي حادثو چئي رهي هئي، هتي ته هڪ دڪان مان 30 لاش نڪتا آهن، ڇا هاڻي عوام کي اهو حق حاصل ناهي ته سي ايم ۽ ميئر جي واقعي واري هنڌ تي وقت سر نه پهچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري؟نوجوان ليکڪ زورين نظامي چيو آهي ته پارليامينٽ جي فلور تي هڪ صاحبه نيوزي لينڊ جا مثال ڏئي رهي آهي، جڏهن ته نيوزي لينڊ ۾ ماڻهن کي مفت تعليم ملي ٿي ۽ اتي سوشل سيڪيورٽي به موجود آهي۔زورين نظامي چيو ته اسان جا حڪمران بلڪل هڪ الڳ دنيا ۾ رهن ٿا، اهي وڏين گاڏين مان لهڻ لاءِ تيار ناهن، انهن کي عام ماڻهوءَ جي مسئلن جو ڪو به احساس ناهي.