جتي سنڌ سميت دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جي وڌندڙ خطري کي سنجيدگي سان ڏٺو ۽ پرکيو وڃي ٿو اتي ھن وقت تائين پيارو پاڪستان پنھنجي پوري زور شور سان ماحول دشمن روين ۽ عملي پاليسين تي روان دوان آھي. جنھن پاسي نظر وڌائجي ان پاسي ھن ملڪ ۾ اُن علائقي ۾ موجود ذخيرن جي ڦُر لُٽ عمل ۾ آھي. سنڌ جي اتر ۾ ملندڙ تيل ۽ گيس جي ذخيرن کان ويندي لاڙ جھمپير ۾ ھوا مان بجلي ٺاھيندڙ پَکَن تائين، ٿَرَ جي ڪوئلي ۽ ڪارونجھر کان ويندي ڪوھستان ۾ کيرٿر پھاڙين جي جبلن تائين ڌرتيءَ جي وسيلن جي اھڙي استحصال جون مثال انگريز راڄ دوران به نٿا ملن. برطانوي ڌاريا به جتي استحصال ڪندا ھئا ته ڪنھن حد تائين، ڏيکاوي خاطر ئي صحيح، پنھنجي موجودگي جو مثبت اظھار ڪرڻ خاطر ئي، علائقن يا ڪن شھرن کي ڏسڻ ۽ رھڻ وٽان ڇڏيندا ھئا. تاريخ جي ستم ظريفي آھي جو انگريزن جي ويندي ئي اسان جي جنھن نظام جو شڪار ٿيا سين اھو تاريخ جو بدترين دؤر ڏسجي ٿو.
سنڌ ۽ بلوچستان وِچ ۾ قدرتي بارڊر جو ڪم ڪندڙ، موجوده دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ پکڙيل تقريبن ٽي سو ڪلوميٽرن جو پھاڙي سلسلو، کيرٿر ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جو ھنڌ ، پاڻيءَ جي ذخيرن جو لنگهھ ۽ جنگلي جيوت جو گھر آھي. ھي سنڌ جي اُھا شناخت آھي جنھن کي اڄ سرمائيدارن جي وصعت پسندي جي ڀيٽ چاڙھيو وڃي ٿو. ھزارن سالن جي ارتقائي عمل جي نتيجي ۾ پنھنجون موجوده شڪلون وٺندڙ ٽڪريون پھاڙ ۽ جبل اڄ بازار جي زينت بڻجڻ لاءِ ڪُٺا وڃن ٿا. ڊيفينس سوسائٽي، بحريا ٽائون، سائمه ريزينڊينسي، رومي بلڊرز، ڪمانڊر سٽي، گُل موھر سٽي، اَسف سٽي، ۽ ٻين ڪيترن ئي ميگا پراجيڪٽن کي جلا بخشڻ لاءِ ڪوھستان جي نئي ۽ ندين جي پيٽ مان ريتي ۽ بجري جي مائيننگ ڪري، زمين ۾ سوين فوٽ ڊيگھه ۽ ويڪر ۾ کوھ ٺاھي ندين جا وھڪرا متاثر ڪيا وڃن ٿا، پاڻيءَ جا لنگھه روڪيا وڃن ٿا، مال متاھ جون چراگاھون تباھ ڪيون ويون آھن، زمين آبادگاري لائق ناھي رھي. ۽ انھيءَ سموري ڦُرلُث کي منظم انداز جاري رکڻ لاءِ برطانوي پاليسيون برقرار رکندي ھَت ٺوڪيا نواب ۽ سردار ٺاھي، پوليس کي بي پناهه اختيار ڏئي انھن سردارن جي ماتحت ڪري رياست جنھن نموني ماروئڙن جي ڳچين ۾ طوق وڌا آھن ۽ کين جِن اذيتن مان روز جي بنياد تي گزرڻو پوي ٿو، منھنجو ھَٿ انھن سمورن ڪلورن ۽ پيڙاھ کي بيان ڪرڻ جي منصفاڻي سگھه نٿو رکي. پر ھا مان ڪي احوال بيان ڪري سگھان ٿو.
ڪوھستان جي سَري شھر ۽ ان جي ڀَر پاسي واري علائقن ۾ ۶۰۰ ٽرڪون ريتي بجري کڻڻ جي ڪم ۾ لڳل آھن جن جا الڳ الڳ ٺيڪيدار آھن. في ٽرڪ ۱۶۰۰۰ رپين جي ٿئي ٿي. جنھن مان ۲ ھزار ٺيڪيدار، ۲ ھزار زمين جو مالڪ ۽ بقايا رقم وڏيرن ۽ ريتي مافيا ڏانھن وڃن ٿا. ھر گاڏي ڏينھن ۾ ۲ چڪر به ھڻندي آھي. جيڪڏهن اھو روز جو معمول نه به ھجي، ھر گاڏي جو فقط ھڪ چڪر ئي گڻيو وڃي، تڏھن به ۶۰۰ ٽرڪون ڏينھن ۾ ريتي، بجري ۽ پٿر جي کڻائي ڪن ٿيون. حقيقتن جي بنياد تي فرض ڪيون ٿا ته پٿر ذرو ذرو ڪري نه پر ھڪ ئي ھنڌان کڄي ٿو. ھڪ ٽرڪ يا ڊمپر تقريباََ ۵۰ مَڻ (قانوناََ) کڻي سگھي ٿو جنھن ۾ اڪثر سرڪاري ملي ڀگت سان ۶۰ مَڻ وزن ٿيو وڃي. جيڪر ھڪ ٽرڪ ۵۰ مَڻ ريتي بجري ۽ پَٿر ئي کڻي ٿو ته اندازاََ ھڪ ايڪڙ زمين ۽ جبل جي روز ڪٽائي ٿئي ٿي. يعني ٽيهھ ايڪڙ ھر مھيني. ۹ لَک مَڻ پَٿر ۽ ريتي بجري فقط ھڪ مھيني ۾ کنئي وڃي ٿي. اُھا ريتي جيڪا ڪيترائي ڪلو ميٽر طئه ڪري پھاڙن مان پاڻيءَ سان گڏ اچي پنھنجي جاءِ تي پُڄي ٿي، جيڪا زمين کي طاقت ڏئي ٿي ته جيئن ھُو ڪاشت ڪاري جي لائق رھي. جبل جيڪي ھزارين سالن جي حرڪت سان پنھنجي موجوده شِڪل ۾ آيا، انھن ۾ موجود تاريخي ماڳ، سَسُئي جا پيچرا، لطيف جا سسئي پُٺيان ڪيل پنڌَن جا گَس، دراصل سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ شناخت سرمايادارن ۽ وطن فروشن جي لالچن جي ڀيٽ چڙھيل آھي.
سفر کان وقفو وٺڻ لاءِ جڏھن پاچران جي پھاڙين ويجھو بُرفتن جي ڳوٺ ٻاھران ساھ پَٽڻ ويٺا سون ته ھڪ ٻڪرار سان ملاقات ٿي جنھن کان چانھه جي فرمائش ڪئي. ڏُکَن جا پيڙھيل ھي ماڻھون، مسافر ڏسي ايئن خوش ٿيا جيئن اڳين زمانن جي سنڌ يا چئجي وڄائيجي ويل سنڌ جي مھمان نوازي بابت قصن ۾ ٻڌو ھو. چانھن تيار ٿي، لوھي پيالي ۾ قُرب ڀري چانھن پي پيالي پاسي رکيم ته ٻڪرار روايتي حوال وٺڻ شروع ڪيو. ڪچھري کُلي ته ٻڌايائين مان به ريتي ۽ بجري وڪڻندو آھيان، سبب پُڇڻ تي رائج غريبي جو احوال ڏنائين، بند اسڪولن جي ڪري تعليم جا دروازا بند رھڻ جي پارَ ڪڍيائين ۽ سنڌ تي لامارا ڏيندڙ ساڳيئي وڏيرڪي راڪاس جو سُور پٽيندي ٻڌايائين ته مان پنھنجي زمين مان ريتي نه کڻڻ ڏيان، تڏھن به سردار ريتي کڻائيندو جو ھر ڊمپر ۾ سردار جو اَڌ جو حصّو آھي، سو گھر پالڻ لاءِ مان به اھو ڪم ڪيان ٿو. جڏھن مون پنھنجو حوال ڏيندي ٻڌايو ته قانون جو شاگرد آھيان، نماڻي انداز ۾ عرض ڪيائين ته ڀلا پوءِ وڪيل ٿي کيرٿر جي ڪٽائي ۽ ريتي بجري جي ھن ڪاري ڌنڌي خلاف ته ڪورَٽ سڳوري کان ڪو پابندي جو آرڊر پاس ڪرائجو ته جيئن ھي ڪلور ته ختم ٿئي. سمجھي نه سگھيم ته ھُو ايڏو معصوم ھو يا بي خبر
. سنڌ اسيمبلي توڙي سنڌ ھاءِڪورٽ جي کيرٿر نيشنل پارڪ بابت فيصلن ۽ قانونن جي جيڪڏھن فھرست ٺاھجي ته مڪمل ڪتاب تيار ڪرڻ جيڏو مواد آھي. مختصراََ ذڪر ڪندو ھلان ته محفوظ ڄاڻايل علائقن ۾ کوٽائي ڪرڻ تي سنڌ مائينس اينڊ منرل ڊويلپمنٽ ايڪٽ (۲۰۱۷) سيڪشن (۳) تحت پابندي آھي. ايئن ئي سينڊ مائيننگ ايڪٽ ايڪٽ ۲۰۰۳ تحت انھن جڳھن تي قطعاََ ڪنھن به قسم جي اھڙي سرگرمي جي اجازت ناھي جتي ماحول، جنگلي جيوت ۽ ثقافتي تاريخي ورثي تي ڪي اثر پوندا ھجن. سنڌ وائيلڊلائيف رولز (۲۰۲۲) جي رول نمبر ۶ مطابق نيشنل پارڪ جو انتظام سائينسي بنيادن تي ڪرڻو آھي. اڳتي رول نمبر ۱۲ مقامي آبادين جي ماحول دوست مفادن جي احترام جي ڳالهه ڪري. ايئن سنڌ ھاءِڪورٽ به کيرٿر ۽ سمورن تاريخي ماڳن جي دفاع ۾ گھڻو ڪجهه لکيو آھي. سنڌ ھاءِڪورٽ آئين ۾ ڏنل حق زندگي جي معنيٰ وسيع ڪندي محفوظ ۽ صحتمند ماحول کي ان جو حصو بڻايو. ايئن لاھور ھاءِ ڪورٽ جنگلي جيوت جي تحفظ کي رياست جي زميواري قرار ڏنو.
ايئن ڪيترائي ۽ قانون جا ڪتاب ۽ عدالتي حڪم نامن جا فائيل ڀريا پيا آھن تنھن باوجود اڄ پاڻ کيرٿر جي جيڪا حالت ڏسون ٿا سا رَت جا ڳوڙھا وھائڻ جھڙي آھي. مطلب ته مسئلو قانون سازي يا درست پاليسين نه ھجڻ جو ناھي، کيرٿر سميت سمورن ماڳن سان ساڳيو ويڌن ان ڪري آھي جو ھي نظام عوام ۽ ماحول جي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ ٺھيو ئي نه ھو. اھڙي رياست جيڪا عوام لاءِ نه پر ھڪڙي طبقي جي سرمائي جي توسيع، فلاح ۽ بهبود ۽ عوام جي استحصال جي اصولن تي ھلندڙ ھجي ان لاءِ حيرت ناھي ته ٻٻرلي ڌرڻي سبب رياست لاءِ چند ڏينھن ڪاروباري سرگرمين ۾ ڏکيائي اچي وڃڻ ايڏو وڏو مسئلو ھيو جو ھُو پوئتي پير ٿي وئي پر ڪروڙين ماڻھن جي زندگي ان آڏو ڪا حيثيت ئي نٿي رکي. اھو بنيادي طور تي پاڪستاني رياست جو تضاد آھي جيڪو تاريخي طور مرحلن مان گذرندو اچي اڄ پنھنجي بدترين شڪل ۾ اسان جي اڳيان بيٺو آھي. ھن رياست مان ماڻھن جو بُکَ وگھي مرڻ نه، پورھيتن جون زندگيون بد کان بد ترين ٿي وڃڻ، سنڌو درياھ جي حياتي، ان سان لاڳاپيل ھزارين سالن جي تحزيب، ان جي ٻولي، سنڌ جو ڪارونجھر، گرم ميداني علائقن جي وچ ۾ برفاني علائقن جو ڏيک ڏيندڙ گورک، پاڻيءَ سان صدين کان جڙيل مھاڻن، درياھ جي احساس کان محروم ڪيل لاڙ جي ماکيءَ جھڙي مٺي ٻولي ٻوليندڙ ٻارڙن کان کسيل سندن راندين، کيرٿر جي ھنج ۾ لُڏندڙ جنگلي جيوت نه ئي ڪنھن به قسم جي ڪا همدردي جي اميد رکي سگھجي ٿي. ھن رياست کي بس منافع سان سروڪار آھي جنھن جي حصول لاءِ ھي ڪنھن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آھن. ماضي جون سموريون قانون سازيون، پاليسيون ۽ ھن وقت چوٻول ھيٺ رھندڙ ترميمون سڀ ڪجهھ بس حڪمران طبقي جي مفادن جو مسئلو آھي ۽ ان ڪري اھو اسان جي بقا ۽ وجود جو مسئلو آھي جنھن کان آجپو منظم جدوجھد کان سواءِ ممڪن ناھي.