دبئي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر ڊيرل مچل اسٽار ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي کان نمبر ون ڊي بيٽر واري پوزيشن کسي ورتي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رينڪنگ ڊيرل مچل 845 پوائنٽن سان پهرئين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي 795 پوائنٽن سان ٻئي نمبر موجود آهي.
واضح رهي ته تازو ڀارت خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڊيرل مچل بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ٻنهي شعبن ۾ ميچ جو پاسو بدلائيندي نيوزيلينڊ جي ڀارتي سرزمين تي تاريخي سوڀ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڀارت خلاف شاندار ڪارڪردگي کيس آءِ سي سي ون ڊي بيٽنگ رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن تي پهچائي ڇڏيو آهي.
You might also like