گرين لينڊ حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪندس، وينزويلا جيان ٻيا ملڪ به معاهدو ڪن: ٽرمپ

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا سڄي دنيا جي معاشي انجڻ آهي، مون کي يورپ سان پيار آهي پر اهو سڌي رستي تي نه پيو هلي.
عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته يورپ ۾ ڪجهه جايون هاڻ سڃاڻپ لائق ناهن رهيون، عوامي هجرت يورپ کي نقصان پهچايو، يورپي ملڪ سڌارن تي ڌيان ڏين، اسان ڪيترن ئي سالن تائين يورپ جي مدد ڪئي بدلي ۾ ڪجهه نه مليو.
هن چيو ته اسان مهانگائي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهياسين، منهنجي صدارت ۾ آمريڪي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، آمريڪا تاريخ ۾ ايتري معاشي ترقي ناهي ڏٺي جيڪا هاڻ ٿي رهي آهي، آمريڪا ترقي ڪندو آهي ته دنيا ترقي ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان وينزويلا جي مدد ڪري رهيا آهيون، وينزويلا آمريڪي ڪنٽرول ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، وينزويلا ايندڙ 6 مهينن ۾ ايترو پيسو ڪمائيندو، جيترو ان گذريل 20 سالن ۾ نه ڪمايو هو، هر وڏي آئل ڪمپني اسان وٽ اچي رهي آهي ۽ اهو حيران ڪندڙ آهي، وينزويلا جيان ٻيا ملڪ به آمريڪا سان معاهدو ڪن.
آمريڪي صدر چيو ته گرين لينڊ جي مڪمل ملڪيت ۽ قانوني حق آمريڪا کي ڏنو وڃي ته جيئن ان جو دفاع ممڪن ٿئي، گرين لينڊ جي آمريڪا کان بهتر ڪير به حفاظت نٿو ڪري سگهي، گرين لينڊ تي قبضي لاءِ طاقت جو استعمال نٿو ڪرڻ چاهيان، 200 سالن کان ان کي خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اهو خطو آمريڪي سيڪيورٽي لاءِ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.