ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اڪشي کنا فلم ”ڌرندر“ جي ڪاميابي کانپوءِ اڄڪلهه خبرن ۾ آهي پر ان کان اڳ به هڪ اهڙو وقت ڏنو، جڏهن هو اهڙين عورتن ، جن ۾ بالي ووڊ اداڪارائون به شامل آهن، جو ڪرش هوندو هو.
ڪتاب ”دي اسٽائل ڊائري آف بالي ووڊ ديوا“ (جنهن جي شريڪ مصنفه ڪرينا ڪپور پاڻ آهي) موجب هڪ ڀيري بالي ووڊ بيبو تسليم ڪيو هو ته هوءَ اڪشي کنا مان ڪيتري قدر متاثر هئي.
ڪرينا ڪپور ٻڌايو ته فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان اڳ هوءَ پنهنجي ڀيڻ ڪرشما ڪپور سان گڏ فلمن جي سيٽس تي وڃي شوٽنگ ڏسندي هئي.
ڪرينا ڪپور تسليم ڪيو ته ٻين اداڪارن جي ڀيٽ ۾ اڪشي کنا مون کي گهڻو متاثر ڪيو، ان وقت مون کي اڪشي کنا تي ڏاڍو ڪرش هو ۽ جڏهن به هو سامهون ايندو هو ته مان کيس ڏسي شرمائي ويندي هيس.
واضح رهي ته ڪرينا ڪپور ۽ اڪشي کنا 2004 ۾ رليز ٿيل رومانوي ڪاميڊي فلم ”هلچل“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.
You might also like