پاڪستاني نوجوانن لاءِ خوشخبري، روس ۾ مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو شاندار موقعو، رجسٽريشن ڪيئن ٿيندي؟ ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوانن لاءِ روس ۾ مفت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو شاندار موقعو اچي ويو.
پاڪستان ۾ روسي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز فرينڊشپ يونيورسٽي آف رشيا (RUDN University) جي اهتمام هيٺ اوپن اولمپياڊ جي آن لائن رجسٽريشن شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني شاگرد به حصو وٺي سگهن ٿا.
پاڪستاني نوجوانن لاءِ اهو موقعو وڏي اهميت رکي ٿو، خاص طور انهن لاءِ جيڪي ٻاهرئين ملڪ معياري ۽ گهٽ خرچ ۾ تعليم جا موقعا ڳولي رهيا آهن.
ان ۾ هاءِ اسڪول مڪمل ڪندڙ شاگرد، ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪندڙ ۽ يونيورسٽي جي آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگرد شرڪت جا اهل آهن.
ان اوپن اولمپياڊ ذريعي انهن سڀني اميدوارن کي پنهنجون تعليمي صلاحيتون آن لائن آزمائڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، جنهن جي بنياد تي هو روس ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اڳتي وڌي سگهن ٿا.
روسي سفارتخاني موجب ان تعليمي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اميدوارن کي روسي حڪومت جي تعليمي ڪوٽا تحت مشهور آر يو ڊي اين يونيورسٽي ۾ مڪمل طور مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو.
ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن جا سمورا تعليمي خرچ روسي حڪومت برداشت ڪندي، جڏهن ته ٻين ڪامياب اميدوارن کي فيس ۾ رعايت ڏني ويندي.
وڌيڪ اهو ته مختص ڪوٽا جي صورت ۾ ڪجهه اميدوارن کي مڪمل طور مفت تعليم جي سهولت به ملي سگهي ٿي.
داخلا جي عمل لاءِ اميدوارن کي سڀ کان اڳ آن لائن رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، جنهن دوران پاسپورٽ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ، تعليمي سندون ۽ گذريل تعليمي سال جا نمبر يا گريڊ اپ لوڊ ڪرڻ لازمي هوندو.
شروعاتي مرحلي ۾ آن لائن ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن ۾ ڪامياب اميدوارن کي ايندڙ مرحلي ۾ انفرادي انٽرويو لاءِ دعوت ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.