ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي، پارو سنگل ڊجيٽ ۾ ويندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ پارو سنگل ڊيجٽ ۾ وڃڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي برسات جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ٿڌ وڌي ويندي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ٻڌايو ته برسات کانپوءِ شهر ۾ پارو سنگل ڊيجٽ ۾ وڃي سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته اولهه هوائن جو سلسلو اڄ رات کان بلوچستان تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويندو، اهو سلسلو سڀاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ برسات جا امڪان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.