ڀارتي فضائيا جو هڪ ٻيو جهاز ڪِري تباهه

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا جو تربيتي مائيڪرو لائيٽ جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو.
ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڀارتي فضائيا جو تربيتي مائيڪرو لائيٽ جهاز ڪريش ٿي ويو.
اختيارين ٻڌايو ته اهو حادثو فضائيا جي معمول جي تربيتي اڏام دوران پرياگ راج شهر ۾ پيش آيو.
ڀارتي فضائيا جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٻئي پائيلٽ محفوظ رهيا، کين فوري طور ريسڪيو ويو، جڏهن ته حادثي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ به ڀارتي فضائيا جو هڪ تربيتي جهاز چنئي ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.