آءِ سي سي جو بنگلاديش جي ڀارت نه وڃڻ جي صورت ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ٻي ٽيم شامل ڪرڻ جو فيصلو

دبئي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي بنگلاديش جي جاءِ تي هڪ ٻي ٽيم کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
اڄ بنگلاديش واري معاملي تي آءِ سي سي بورڊ ميمبرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ووٽنگ ذريعي ورلڊ ڪپ ۾ نئين ٽيم جي شموليت جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي بورڊ ميمبرز جي اجلاس ۾ بنگلاديش واري معاملي تي فيصلو ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ سي سي طرفان بي سي بي کي چيو ويو آهي ته حڪومت کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي ته بنگلاديش جي جاءِ تي نئين ٽيم شامل ڪئي ويندي.
ووٽنگ دوران اڪثريتي ميمبرز متبادل ٽيم کي شامل ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته آءِ سي سي ڀارت ۾ کيڏڻ بابت غور لاءِ بي سي بي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.