ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا شيفالي زريوالا جي اوچتي موت کي لڳ ڀڳ هڪ سال ٿيڻ وارو آهي، پر هي معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي ويو آهي.
سال 2002ع جي مشهور ريمڪس گيت ”ڪانٽا لگا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ گلوڪارا، ماڊل ۽ اداڪارا شيفالي زريوالا 42 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي هئي.
طبي رپورٽن موجب، اداڪارا جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو اريسٽ ٻڌايو ويو هو، جنهن ۾ اوچتو دل جي ڌڙڪن بند ٿي ويندي آهي ۽ انسان حياتي وڃائي ويهي ٿو.
پر هاڻي شيفالي جي مڙس پراگ تياگي هڪ حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي آهي، جنهن طبي رپورٽ کان هٽي ڪري هڪ نئون تڪراري کڙو ڪري ڇڏيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊڪاسٽ دوران پراگ تياگي دعويٰ ڪئي ته هو پنهنجي زال جي موت کي رڳو طبي سبب تائين محدود نٿو سمجهي، شيفالي تي ”ڪارو جادو“ ڪيو ويو هو.
پراگ تياگي جو چوڻ هو ته ”کوڙ ماڻهو اهڙين ڳالهين تي يقين نه ڪندا، پر مان ڪيان ٿو جتي ڀڳوان آهي، اتي شيطان به آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مون کي رڳو شڪ نه پر مون کي پوري پڪ آهي ته ڪنهن ڪجهه (جادو) ڪيو هو. ڪنهن نه ڪنهن ضرور ڪيو آهي.“
پراگ تياگي پنهنجي ڳالهه جي ثبوت طور چيو ته ڪيترن ئي موقعن تي اهو محسوس ٿيو ته ڪجهه غير معمولي ٿي رهيو آهي، ڪجهه نه ڪجهه گڙٻڙ ضرور آهي.
هن چيو ته هڪ ڀيرو اڳ به اسان ان شيطاني چڪر مان نڪري آيا هئاسين، پر هن ڀيري معاملو تمام گهڻو ڳنڀير لڳي رهيو هو.
پراگ تياگي دعويٰ ڪئي ته عبادت دوران به هن شيفالي ۾ ڪجهه تبديليون محسوس ڪيون.
ٻئي پاسي، طبي ماهر ۽ اسپتال انتظاميا اڃا تائين پنهنجي ابتدائي رپورٽ تي قائم آهن ته شيفالي جو ديهانت دل جي دوري سبب ٿيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، شيفالي اڳ به صحت جي مسئلن جو شڪار رهي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا ٻڌايو هو ته ”15 ورهين جي عمر ۾ کيس پهريون ڀيرو مرگهيءَ جو دورو پيو هو، ان وقت مٿس پڙهائي ۽ امتحانن جو تمام وڏو وڏو دٻاءُ هو.“
ياد رهي ته شيفالي 2002ع ماضيءَ جي مشهور گيت ” ڪانٽا لَگا“ جي ريمڪس ذريعي شيفالي رات پيٽ ۾ پاپ ڪلچر جي آئيڪون بڻجي وئي. ان کانپوءِ هن ”نچ بليئي“ ۽ بِگ باس “ 13 جهڙن ٽي وي شوز ۾ اميدوار طور ڀيرو ورتو.