منڊي بهاالدين (ويب ڊيسڪ) 26 ورهين جي جرمن ڊاڪٽرياڻي پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ منڊي بهاالدين پهچي شادي ڪري ڇڏي.
منڊي بهاالدين جي ڳوٺ ديفار واسي 22 ورهين جي محمد اڪمل 26 ورهين جي جرمن ڊاڪٽرياڻي سلما کي پاڪستان گهرائي پرڻو ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ محمد اڪمل ٻڌايو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه آن لائن گيم ذريعي شروع ٿي ۽ تقريبن 5 مهينن تائين هڪٻئي سان آن لائن ڳالهائيندا رهياسين، جنهن کانپوءِ سلما پاڪستان اچي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مان پهرئين ڏينهن ئي سلما کي پرپوز ڪري ڇڏيو هو.
ان موقعي تي سلما چيو ته پاڪستان اچي ٻهراڙي جي زندگي ڏسي شروعات ۾ مون کي حيرت ٿي پر خوش هيس ته مڙس سان گڏ آهيان.
هن چيو ته ڪپڙا، ٿانوَ ڌوئڻ ۽ ماني پچائڻ جو هڪ نئون تجربو هو پر هوريان هوريان سڀ سکي ورتو آهي.
اڪمل ٻڌايو ته شادي ۾ خاندانن جي مڪمل مدد حاصل هئي ۽ تقريبن 45 لک رپيا خرچ ٿيا، جنهن ۾ سفري خرچ ۽ شادي جي تقريب شامل هئي.
سلما جا ٻه پاسپورٽ آهن، جرمن ۽ بوسنيائي، جڏهن ته هوءَ پاڪستان ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهي ٿي.
سلما ٻڌايو ته مان پنجابي ۽ اردو به سکي رهي آهيان، جيئن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آساني ٿئي، اڪمل چيو ته اسان شادي کانپوءِ خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهيون، ٻئي هڪٻئي سان محبت ۽ احترام سان رهي رهيا آهيون.
You might also like