گڏيل عرب امارتن کانپوءِ هڪ ٻئي مسلمان ملڪ ”غزا امن بورڊ“ شموليت جي دعوت قبولي ورتي

مناما (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن کانپوءِ بحرين به غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي آمريڪي دعوت قبولي ورتي.
بحرين جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا طرفان ڏنل غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت کي بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ آل خليفه قبول ڪري ورتو.
بحريني پرڏيهي وزارت چيو ته اهو فيصلو غزا لاءِ آمريڪي صدر جي 20 نڪاتي امن منصوبي تي مڪمل عملدرآمد جي حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ڇو ته اهو منصوبو فلسطيني عوام جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي وزارت موجب بحرين کي اميد آهي ته بورڊ آف پيس پنهنجا هدف حاصل ڪندو، جنهن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي، خطي ۾ استحڪام جي حمايت ۽ سڀني لاءِ ترقي ۽ خوشحالي شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.