دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت بنگلاديش جا خدشا رد ڪندي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ شيڊول موجب ئي ٿيندو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، بنگلاديش جون ميچون ڀارت ۾ ئي ٿينديون.
آئي سي سي جو چوڻ آهي ته بورڊ اجلاس ۾ سيڪيورٽي جائزي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو، جائزي موجب بنگلاديشي رانديگرن، ميڊيا پرسنز، آفيشلز ۽ مداحن کي ڀارت جي ڪنهن به وينيو تي ڪو خطرو ناهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ ميمبرز جو موقف آهي ته ٽورنامينٽ جي ويجهو شيڊيول ۾ تبديلي عمل جوڳي ناهي.
آءِ سي سي جو اهو به چوڻ آهي ته بي سي بي سان ايونٽ جو سيڪيورٽي پلان مسلسل شيئر ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي ڪرڪ انفو پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي بنگلاديش جي جاءِ تي هڪ ٻي ٽيم کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، بنگلاديش واري معاملي تي آءِ سي سي بورڊ ميمبرز جو اجلاس ۾ ووٽنگ ذريعي ورلڊ ڪپ ۾ نئين ٽيم جي شموليت جو فيصلو ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ سي سي طرفان بي سي بي کي چيو ويو آهي ته حڪومت کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي ته بنگلاديش جي جاءِ تي نئين ٽيم شامل ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب، ووٽنگ دوران اڪثريتي ميمبرن متبادل ٽيم کي شامل ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته آءِ سي سي ڀارت ۾ کيڏڻ بابت غور لاءِ بي سي بي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي ڀارت ۾ شيڊيول پنهنجون ميچون سريلنڪا منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين کان پوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) مان رليز ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي ويا ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.