لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين سيزن جي پليئرز آڪشن کان اڳ مقامي رانديگرن جي امڪاني ڪيٽيگرييز جي فهرست سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، اسلام آباد يونائيٽڊ جا شاداب خان، عماد وسيم ۽ نسيم شاهه پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ برقرار آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صاحبزادا فرحان گولڊ ۾ جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ محمد نواز ڊائمنڊ مان پلاٽينم ۾ اچي ويا آهن.
ذريعن موجب، وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان ڊائمنڊ مان گولڊ ۾ هليو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڪنگز جو حسن علي ڊائمنڊ مان پلاٽينم ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته عباس آفريدي پلاٽينم مان ڊائمنڊ ۾ هليو ويو آهي.
ذريعن موجب، خوشدل شاهه ۽ عامر جمال ڊائمنڊ مان گولڊ ۾، جڏهن ته عرفات منهاس گولڊ مان سلور ۾ هليو ويو آهي، جڏهن ته شان مسعود ڊائمنڊ ۾ برقرار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور قلندرز شاهين آفريدي، فخر زمان ۽ حارث رئوف پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ برقرار رکيو آهي.
ذريعن موجب، سلمان مرزا گولڊ مان ڊائمنڊ ۾۽ محمد نعيم ايمرجنگ مان سلور ۾ اچي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پشاور زلمي بابر اعظم ۽ صائم ايوب پلاٽينم ۾ برقرار رکيو، جڏهن ته محمد حارث ۽ محمد علي ڊائمنڊ مان گولڊ ۾ هليا ويا آهن.
ذريعن موجب، ملتان سلطانز جو محمد رضوان پلاٽينم ۾ برقرار آهي، جڏهن ته اسامه مير ۽ افتخار احمد پلاٽينم مان ڊائمنڊ ۾ هليو ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حسنين ڊائمنڊ مان گولڊ ڪيٽيگري ۾ هليو ويو آهي، جڏهن ته عاقف جاويد سلور مان گولڊ ۾ اچي ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جا فهيم اشرف ۽ محمد عامر پلاٽينم ۾ برقرار آهن، جڏهن ته ابرار احمد ڊائمنڊ مان پلاٽينم ۾ اچي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم جونيئر گولڊ مان ڊائمنڊ ۾، عثمان طارق سلور مان ڊائمنڊ ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته خواجه نافع سلور ۾ ۽ حسن نواز ايمرجنگ مان گولڊ ۾ اچي ويو آهي.