نوشھروفيروز (رپورٽ: ايم ظفر تڳر) جي ڊي اي ۽ اين پي پي اڳواڻن غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي 10 ۽ 24 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي گل پلازا سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت فائر فائرٽنگ شعبي تي ڌيان ڏيندي. هن چيو ته بلاول جي بريفنگ عالمي سطح تي پيغام هو ته فنڊنگ ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪارڪردگي جو معيار شفاف چونڊون آهن.